شوبز

عرفان خان جي وفات کان ٽن سالن بعد سندس فلم جو ٽريلر جاري

بالي ووڊ جي منفرد خوبين واري وراسٽائيل اداڪار عرفان خان جي وفات کان ٽن سالن بعد سندس فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن سان مرحوم اداڪار موت بعد وڏي پردي تي واپسي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق عرفان خان جي فلم دي سانگ آف اسڪارپيئنز جي ٽريلر سان گڏ ئي سندس فلم جي رليز جي تاريخ 28 اپريل ڄاڻائي وئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ عرفان خان جي اها فلم 2017ع ۾ لوڪارنو فيسٽيول ۾ اڳ ئي ڏيکاري وئي آهي.

عرفان خان جي فلم ڪي مک عورت ڪردار

فلم جي ڪهاڻي راجسٿان جي اهڙي قبيلي تي فوڪس ڪري ٿي، جيڪي وڇونءَ جي زهر سان موسيقي ذريعي بيمارين جو علاج ڪندا آهن. فلم ۾ راجسٿاني ۽ گجراتي ثقافت کي پڻ اجاگر ڪري ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد ٽريلر ڏسڻ بعد عرفان خان کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button