شوبز

پرينيتي جي سياستدان راگهو چڍا سان مڱڻي جا اطلاع

بالي ووڊ فلمن جي چنچل اداڪارا پرينيتي چوپڙا جي عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ راگهو چڍا سان مڱڻي ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن، پر جوڙي ان جي تصديق نھ ڪئي آهي. معلون ٿيو آهي تھ پرينيتي چوپڙا فيشن ڊزائنر منيش ملهوترا جي گهر ٻاهران آڱر ۾ منڊي پاتل ڏسي ڀارتي ميڊيا ان جي مڱڻي ٿيڻ جي خبر ڏني آهي. ميڊيا پرينيتي چوپڙا جي ويجهن ذريعن ۽ دوستن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي تھ انهن تصديق ڪئي آهي تھ پرينيتي ۽ راگهو جي مڱڻي ٿي وئي آهي، جوڙو آڪٽوبر ۾ شادي ڪري رهيو آهي. امڪان آهي تھ پريانڪا چوپڙا ۽ پرينيتي جي آمريڪا ۾ موجود ڀيڻ پڻ شادي جي رسمن ۾ شرڪت ڪنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button