شوبز

علي نور پاران ماها جا الزام رد، قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور راڳي علي نور ساٿي ڳائڻي ماها علي ڪاظمي پاران مٿس جنسي هراسان طور وارن الزامن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس قانوني نوٽيس پڻ ڏياري موڪليو آهي. ميڊيا مطابق ماها ڪاظمي ڪجهه ڏينهن اڳ علي نور تي سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل اسٽورين ۾ جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ ٻين ڇوڪرين سان پڻ نامناسب رويو اختيار ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا، جنهن تي علي نور کيس نوٽيس ڏنو آهي. علي نور نوٽيس ذريعي موقف اختيار ڪيو آهي تھ ماها جا الزام بي بنياد آهن، ان ٽن ڏينهن ۾ معافي نھ ورتي تھ سندس خلاف قانوني ڪاروائي ٿيندي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ساڍا 6 ڪروڙ ڏنڊ جي دعوا سان گڏ ماهاڪاظمي تي سائيبر ڪرائيم تحت ڪيس بھ داخل ڪرايو ويندو. هوڏانهن ماها ڪاظمي علي نور جي نوٽيس جو ڪو جواب ناهي ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button