شوبز

شادي کانپوءِ 10 سالن تائين اداڪاري نھ ڪنديس: عائشا عمر

پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي تھ شادي ٿيڻ کانپوءِ 10 مان سالن تائين اداڪاري جو ڪم نھ ڪنديس. عيد جي هڪ شو ۾ ميزبان جي سوالن جا جاوب ڏيندي هن ٻڌايو تھ شوبز دنيا ۾ ڪم نھ ڪرڻ جو مقصد رڳو اهو هوندو تھ پاڻ کي گهريلو عورت ۽ سٺي زال بڻائي سگهان. هن چيو تھ ان دوران مان گائيڪي ۽ پينٽنگ ڪري وٺنديس، پر 14، 15 ڪلاڪن واري اداڪاري مناسب نھ هوندو. هن چيو تھ شادي ٿيڻ بعد پنهنجي گهر ۽ مڙس کي وقت ڏيڻ گهران ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button