شوبز

شائستا لوڌي وڏي عمر جو مهڻو ڏيندڙ کي لاجواب ڪري ڇڏيو

پاڪستاني اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان شائستا لوڌي کي هڪ مداح تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس وڏي عمر هجڻ جو مهڻو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کي شائستا لوڌي بھ ڀرپور جواب ڏيندي لاجواب ڪري ڇڏيو. ميڊيا مطابق شائستا لوڌي عيد جا ڏينهن گذرڻ بعد روزاني ڪم ڪار ۾ مصروف ٿيڻ تي نئين تصوير شيئر ڪئي تھ، جنهن تي ڪيترن ئي مداحن سندس ساراهه ڪئي، پر ڪجهه مداحن کيس چٿرن جو بھ نشانو بڻايو آهي، جن مان هڪ مداح ڪمنٽس باڪس ۾ لکيو تھ، اوهان هاڻ چنچل انداز ۾ پنهنجون تصويرون نھ رکو، اوهين وڏي عمر جون آهيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي تھ اوهان تمام گهڻو ڪمايو ٿا، پر هن عمر ۾ ڪجهه شرم ڪيو. شائستا لوڌي مداحن کي مخاطب ٿيندي کيس سخت جوان ڏنو ۽ لکيو تھ هتي ڪوبھ عمر نٿو لڪائي، مهرباني ڪري دوکي ۾ نھ اچو، ڇوتھ ان سان آمدني وڌڻ جو تعلق ناهي، منهنجا مهربان پاڻ کي پرسڪون بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button