
پاڪستاني اداڪارا حرا ترين مشهور اداڪارا ماهرا خان کي پاڪستان جي شاهه رخ خان قرار ڏئي سندس تعريف ڪئي آهي. ميڊيا مطابق حرا ترين مڙس علي سفينا سميت شو ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ٻڌايو تھ شادي کان اڳ ۽ بعد واري زندگي کان ٻار جي امڙ بڻجڻ وڌيڪ پرسڪون زندگي آهي. هن چيو تھ مون کي ماهرا خان وڻندي آهي، ناپسند ڪرڻ غلط ڳالهه آهي.