شوبز

فلمن جي غيرقانوني نمائش تي سينسر بورڊ ۽ پيمرا کان جواب طلب

پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي فلمن جي غيرقانوني نمائش تي لاهور هائي ڪورٽ فلم سينسر بورڊ ۽ پيمرا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عدالت ۾ ڪيبل نيٽ ورڪس، انٽرنيٽ ۽ ٽي وي چينلن تي فلمن جي غيرقانوني نمائش روڪڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي قدم کڻندي لاڳاپيل ادارن کان 18 مئي تي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت اٽارني جنرل کان پڻ معاونت طلب ڪئي آهي. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏنا تھ قانون تحت موشن پڪچرز قانون تحت لاڳاپيل بورڊ مان منظوري وٺڻ لازمي آهي، نمائش بعد ۾ ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button