شوبز

ڪرينا پاران راهول گانڌي سان دوستي جي خواهش جو انڪشاف

بالي ووڊ جي پٽودي نواب سيف علي خان جي زال اداڪارا ڪرينا ڪپور خان پاران سياستدان راهول گانڌي سان دوستي جي خواهش ڏيکارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق ميزبان سيمي اگروال کي 2002ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو هو، جنهن جو وڊيو ڪلپ ٻيهر وائرل ڪيو ويو آهي. انٽرويو ۾ سيمي اگروال جي سوال جي جواب ۾ ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو تھ مون کي اها ڳالهه چوڻ گهرجي الائي نھ پر مان راهول گانڌي سان دوستي ڪرڻ ۽ ان سان گڏ وقت گذاري کيس سمجهڻ چاهيان ٿي. هن چيو تھ منهنجي ان خواهش ۾ ڪا غلط ڳالهه ناهي. هن چيو تھ مان اهڙي خاندان سان آهيان، جيڪو فلمن سان ڳنڍيل آهي ۽ هو سياست سان جڙيل آهي، راهول جي تصوير ڏسي دل ۾ خواهش ٿيندي آهي تھ ساڻس ڳالهايان تھ هو ڪيئن ۽ ڪهڙي مزاج جو ماڻهو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button