بالي ووڊ فلمن جي اداڪارا ۽ دنيا جي اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا فلم پونيئن سيلون 2 ذريعي باڪس آفيس تي ڌاڪو ڄمائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ايشوريا رائي بچن جي فلم رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن 32 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو، جيڪا تازو رليز ٿيندڙ فلمن ۾ سڀني کان گهڻو وڌيڪ آهي. هوڏانهن فلم ۾ ايشوريا رائي جي اداڪاري کي مداحن دل وٽان قرار ڏيندي ساراهيو، جنهن بعد فلم جي ايڊوانس بڪنگ تي بھ رش نظر اچي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هندي، تيلگو، تامل ۽ ڪنڙ ٻولين ۾ رليز ٿيل پونيئن سيلون 2 باقي فلمن جو بزنس پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هدايتڪار مني رتنم جي فلم ۾ ايشوريا رائي ڊبل ڪردار ڪيا آهن، جيڪا تاريخي چولا سلطنت کي ڊاهڻ جي جدوجهد ۾ مصروف نظر اچي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close