شوبز

ايمان علي خراب معيشيت سبب پاڪستان ڇڏڻ جو رٿي ورتو

پاڪستاني اداڪارا ايمان علي ملڪ جي خراب معيشيت جو جواز ڄاڻائي ملڪ ڇڏڻ جو رٿي ورتو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ هتي طاقتور ڌرين عام ماڻهن جو حشر خراب ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري بيزار ٿي ملڪ ڇڏڻ جو سوچيو آهي. هڪ سوال جي جواب ايمان علي جو چوڻ هو تھ ملڪ جي معيشيت خراب آهي، تنهنڪري بھ پاڪستان کي ڇڏي رهي آهيان. ميزبان جي سوال تي هن ٻڌايو تھ مڙس ڪينڊين شهري آهي، تنهنڪري جتي اهو آهي، اتي مان رهنديس. هن چيو تھ مارننگ شوز ۾ فضول ڳالهيون ٿين ٿيون، مان انهن تي تبصرا نھ ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button