شوبز

پنهنجي شادي جون ڳالهيون ٻڌي گهران نڪري ويس: شهناز گل

بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيندڙ بگ باس هائوس سيزن 13 جي مشهور رهائشي شهناز گل پنهنجو پاڻ کي ٻالڪپڻ ۾ انتهائي شرارتي ۽ اونڌيون حرڪتون ڪندڙ ڇوڪري قرار ڏيندي چيو آهي تھ اسان جو خاندان هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿو، جتي ڇوڪرين جي شادي ننڍي ڄمار ۾ ئي ٿي ويندي آهي، سو مون بھ پنهنجي شادي جون ڳالهيون گهر اندر ٿيندي ٻڌيون تھ گهران نڪري آيس، ڇاڪاڻ تھ منهنجا پنهنجا ڪجهه خواب هئا. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ گهران ننڍي عمر ۾ نڪتس، جيڪڏهن گهر نھ ڇڏيان هان تھ شايد ايڏي مضبوط نھ ٿي سگهان ها. شهناز گل چيو تھ مون يقين آهي تھ پاڻ سان پيار ڪرڻ ۾ ئي ٻين کي بھ پيار ڏئي ۽ وٺي سگهجي ٿو، ڇوتھ ڏکن ۾ رهندڙ ڏک ئي ورهائي سگهي ٿو. هن چيو تھ فلمن ۾ ڪرڻ بهتر تجربو رهيو، ڪردار ننڍا يا وڏا ناهن هوندا، اصل ڳالهه پرفارمنس جي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button