شوبز

ٽي ڀيرا اميدواري ضايع ٿي، بيمار بھ رهي آهيان: زالي سرحدي

پاڪستاني اداڪارا زالي سرحدي مداحن پاران هڪ ڌيءَ بعد ٻيو اولاد نھ ٿيڻ تي ٿيندڙ تنقيد کي مايوسي جو سبب قرار ڏيندي چيو آهي تھ مان ڇا ٻڌايان، منهنجون ٽي ڀيرا اميدواريون ضايع ٿيون آهن، بعد ۾ ٿولهه واري بيماري ٿي، جنهن کي هائپوٿائيرائيڊ چيو ويندو آهي، ماڻهو تھ اولاد نھ ٿيڻ تي سوال ڪن ٿا، تھ مون کي رڳو هڪ ڌيءَ ڇو آهي، ٻيو اولاد ڇو ناهي ٿيو. اميدواري جي ضايع ٿيڻ جا جسم تي اثر پوندا آهن، ماڻهو ذهني ۽ ٻين مسئلن ۾ پڻ وڪوڙجي وڃي ٿو، مون ک بھ ٿولهه ٿيڻ تي بيماري جو انڪشاف ٿيو، ذهني مسئلا ڌار آهن، اسين انهن تي نٿا ڳالهايون، هتي صرف ڇوڪري ٻار ڄڻڻ ۽ شادي لاءِ ئي هجي ٿي، ان جي چهري، جسم جي بناوٽ تي صوچيو ويندو آهي، شادي نھ ٿيڻ جا خدشا يا مهڻا ڏنا ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button