شوبز

آمنا الياس مختصر لباس سبب ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي وئي

پاڪستان جي بولڊ ۽ بيوٽيفل اداڪارا طور شهرت ماڻيندڙ آمنا الياس هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مختصر لباس سبب ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ ويل آمنا الياس لاس اينجلس شهر مان پنهنجون تازيون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس مني اسڪرٽ پائي سير ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن بعد مداحن جي ڪاوڙ ڪمنٽس جي صورت ۾ سامهون اچي وئي، جن کيس ثقافتي ريتن رسمن کي اورانگهڻ جا الزام لڳائي چٿرون پڻ ڪيون آهن. هڪ مداح آمنا الياس کي مخاطب ٿيندي لکيو تھ مڪمل لباس خرد ڪرڻ جا پيسا ناهن تھ مان ڏيان، ڪپڙا پورا پائي تصويرون رکو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button