شوبز

پريانڪا چوپڙا جي فلم لو اگين جو پريميئر، مڙس بھ تقريب آيو

بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ ڪاميابي سان جڳهه ٺاهيندڙ پريانڪا چوپڙا جي ايندڙ فلم لو اگين جو پريميئر ٿيو آهي، جنهن ۾ سندس مڙس نڪ جوناس پڻ شرڪت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق نيويارڪ ۾ ٿيل پريميئر جي تقريب دوران فلم جي مک ڪاسٽ مان سيم هيگن پڻ شريڪ ٿيو آهي. جڏهن تھ تقريب دوران سيم هيگن پريانڪا چوپڙا جي ويجهو اچي ويو، جنهن تي فوري طور نڪ جوناس اچي پريانڪا جي مدد ڪئي. هوڏانهن نڪ جي سرجري بابت مداحن سان ماضي جو تجربو شيئر ڪندي پريانڪا ٻڌايو تھ، سال 2000ع ۾ نڪ جي وچ تي رسولي هجڻ ڪري سرجري ڪرائي، جيڪا ناڪام ٿي وئي تھ چهرو عجيب پئي لڳو، جنهن سبب مان ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي هئس، بعد ۾ ٻيهر آپريشن ڪرايو، جيڪو ڪامياب ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button