شوبز

ڪيرالا اسٽوري جي رليز خلاف پٽشنز داخل، تامل ناڊو ۾ هائي الرٽ

ڀارت جي مسلمان جذبات کي مبينا طور مجروح ڪندڙ فلم دي ڪيرالا اسٽوري سڀاڻي رليز ٿيندي، جنهن جي نمائش روڪڻ لاءِ وڌيڪ 2 نيون پٽشنز ڪيرالا هائي ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون آهن، هوڏانهن صورتحال کي نظر ۾ رکندي تامل ناڊو ۾ هائي الرٽ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڀارت جي تڪراري فلم دي ڪيرالا اسٽوري خلاف سپريم ڪورٽ پاران درخواست ٻڌڻ کان انڪار ۽ مقامي هائي ڪورٽ ۾ وڃڻ جي هدايت بعد محمد رزاق ۽ تمنا سلطانا نالي ٻن ماڻهن ڪيرالا هائي ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن، جن ۾ ايمرجنسي اختيارين تحت درخواستون ٻڌي فلم جي نمائش روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مسلمان عالمن پاران ٽريلر ڏسڻ بعد فلم کي مسلم ڪميونٽي خلاف قرار ڏئي پابندي جو مطالبو بھ ڪيو آهي، پر ڪيرالا سرڪار توڙي عدالتن في الحال ان معاملي ۾ پابندي جو ڪوبھ فيصلو ناهي ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فلم جي رليز کان اڳ ڇڪتاڻ ۾ واڌ اچڻ سبب مقامي اختيارين سڪيورٽي کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي تھ جيئن هنگامي حالت کي منهن ڏئي سگهجي. ٻئي پاسي مشهور موسيقار اي آر رحمان مسجد ۾ هندو جوڙي جي شادي جي وڊيو رکي ماڻهن کي رواداري جو مشورو ڏنو آهي. هن ڪيپشن ۾ لکيو تھ اسلام رواداري جو مذهب آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button