شوبز

،امبر هرڊ ڪيس هارائڻ تي مايوس، هالي ووڊ ڇڏي اسپين منتقل

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا امبر هرڊ هالي ووڊ کي عارضي طور ڇڏي ڏنو آهي ۽ اها پنهنجي ڌيءَ سميت اسپين منتقل ٿي وئي آهي. برطانوي اخبار ڊيلي ميل پنهنجي رپورٽ ۾ دعوا ڪئي آهي تھ آمريڪي عدالت ۾ اڳوڻي مڙس جوني ڊيپ خلاف ڪيس هارائڻ بعد امبر ڌيءَ سميت اسپين هلي وئي آهي. اخبار جي رپورٽ ۾ صحافڻ ڄاڻايو آهي تھ امبر هرڊ فلم انڊسٽري ڇڏي ڏني آهي، اها ٻن سالن جي ڌيءَ سميت اسپين منتقل ٿي آهي، جتي اها پنهنجي زندگي جي نئين سر شروعات ڪرڻ چاهي ٿي. صحافڻ لکيو تھ مون کي نٿو لڳي تھ امبر فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪندي، نئين زندگي جيئڻ چاهي ٿي، پر ٿي سگهي ٿو تھ درست وقت اچڻ يا معياري پراجيڪٽ ۾ امبر ڪم ڪري. ياد رهي تھ اڳوڻي مڙس جوني ڊيپ خلاف سندس ڪيس عالمي طور ميڊيا ۽ خاص ڪري فلم انڊسٽري ۾ ڌيان جو مرڪز رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button