شوبز

پرڻيل مرد سان شادي تي تڪرار ٿيڻ جي خبر هئي: غنا علي

پاڪستاني اداڪارا غنا علي انڪشاف ڪيو آهي تھ اڳ ئي پرڻيل مرد سان شادي ڪرڻ تي تڪرار ٿيڻ جي مون کي اڳواٽ خبر هئي. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مڙس اڳوڻي زال کي مون سان شادي کان اڳ ئي طلاق ڏني، ڇوتھ اهي ٻئي خوش نھ هئا، طلاق وٺندڙ عورت کي ڄاڻ هئي تھ سندس اڳوڻو مڙس مون سان شادي ڪري رهيو آهي، تنهنڪري انهيءَ عورت منهنجي شادي بعد گهر تباهه ڪرڻ جو الزام ڇو لڳايو، اها ڄاڻ ناهي. هن چيو تھ مان ذهني طور تيار هئس تھ ماڻهو مون تي الزام لڳائيندا تھ مون خوشين سان ڀريل هڪ گهر تباهه ڪيو آهي، پر سچ اهو ناهي ۽ الزام اجايا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button