شوبز

رابعا ڪلثوم پاڻ کي ماهرا قرار ڏئي سياسي چٿر ڪري ڇڏي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا رابعا ڪلثوم پنهنجو پاڻ کي ماهرا خان قرار ڏئي ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ ذو معنيٰ واري چٿر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق رابعا ڪلثوم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي تھ جيڪڏهن متحدا کي ڪراچي ۾ فساد ڪرائڻ تي افسوس ٿي رهيو آهي، بينظير جي شهادت جي ڏينهن 27 ڊسمبر تي آصف زرداري امن قائم ڪرائي ورتو هو ۽ نواز شريف ڪرپشن ڪيس ۾ بيڏوهي آهي تھ مان بھ اڄ کان ماهرا خان ٿي وئي آهيان، هاڻ اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي، اهو ڪيو. هن پوسٽ ۾ پاڪستان زندا باد جو هيش ٽيگ پڻ گڏ رکيو آهي. ياد رهي تھ رابعا ڪلثوم اهڙي وقت ۾ هڪ معنيٰ سان ڀريل پوسٽ شيئر ڪئي آهي، جڏهن تھ عمران خان جي گرفتاري تي شديد ردعمل طور مظاهرا ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button