شوبز

عورت کي مڙس جي نوڪرياڻي نھ ٿيڻ گهرجي: مٿيرا

پاڪستاني ماڊل مٿيرا خان عورتن کي مشورو ڏيندي چيو آهي تھ منهنجي خيال ۾ عورت کي مڙس جي نوڪرياڻي نھ ٿيڻ گهرجي، مرد پنهنجا ڪم پاڻ ڪري سگهي ٿو. ميڊيا کي ڏنل هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هن ازدواجي زندگي بابت ڳالهائيندي ٻڌايو تھ  جيڪڏهن ڪو رشتو بدسلوڪي تي ٻڌل آهي تھ اهو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، اهڙو رشتو ڪٿي نھ ڪٿي اچي ٽٽي پوندو، ڇوتھ هڪ ماڻهو اهو نھ بچائي سگهندو. هن جو چوڻ هو تھ ڪو ماڻهو هڪ ڀيرو مار ڏيندو تھ اهو هر هر پيو ماريندو، ڇاڪاڻ تھ اها ان جي عادت ٿي وڃي ٿي. هن چيو تھ منهنجو گهريلو زال بڻجي حصو ڏيڻ غلط هو، مون کي ائين نھ ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ تھ مڙس ڪڏهن بھ نٿو بدلجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button