شوبز

پاڪستاني اداڪار ۽ ڊراما ليکڪ شعيب هاشمي بھ وڇڙي ويو

پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪار ۽ ليکڪ شعيب هاشمي بھ پنهنجي مداحن کان هميشا لاءِ وڇڙي ويو آهي. ميڊيا مطابق 1990ع ۾ شاندار پرفارمنس سبب حسن ڪارڪردگي ايوارڊ ماڻيندڙ شعيب هاشمي 12 سال اڳ فالج جو نشانو بڻيو هو، ڪيتري ئي عرصي کان هو ڳالهائي ٻولهائي بھ سگهندو هو. شعيب هاشمي جي پٽ عديل هاشمي ميڊيا کي ٻڌايو تھ رات دير سان بابا جي طبيعت خراب ٿي، اسپتال کڻي وياسين، اتي دم ڏنو، سندس جنازي نماز جو شيڊول انگلينڊ ۾ موجود ڌيءَ جي ڏيهه اچڻ تي جاري ڪيو ويندو.

شعيب هاشمي جي سهري فيض احمد فيض ۽ گهرڀاتين سان گڏ يادگار تصوير

ياد رهي تھ شعيب هاشمي 70 جي ڏهاڪي ۾ مشهور ڊراما لکيا ۽ پاڻ ئي انهن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي، سندس ڊرامن ۾ اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول مشهور ٿيا هئا. شعيب هاشمي شاعر فيض احمد فيض جو ناٺي هو، سندس شادي فيض احمد فيض جي ڌيءَ سليما سان ٿيل هئي، جيڪا پڻ اداڪاري ۾ رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button