شوبز

سلمان خان فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ دوران زخمي

بالي ووڊ فلمن جو سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي مشهور فلم سيريز ٽائيگر جي نئين سيڪوئل ٽائيگر 3 جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو آهي. ميڊيا مطابق فلم جي شوٽنگ دوران سلمان خان کي ڪنڌ کان پٺي تائين زخم رسيا آهن، جنهن جون تصويرون پڻ هن شيئر ڪيون آهن، جن ۾ سندس پٺي ۽ ڪنڌ کي پٽيون ٻڌل نظر اچي رهيون آهن. سلمان خان تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ جڏهن اوهان ڪلهن تي سڄي دنيا جو وزن کنيو هجي، تھ هو چئي ٿو 5 ڪلو وارو دٻو تھ کڻي ڏيکاريو، هتي ٽائيگر زخمي ٿي پيو آهي. مداحن سندس زخمي هجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button