
ڪينيڊا جي پارليامينٽ ۾ پاڪستاني قوالن صوفياڻن ٻولن تي سر وکيري ٻڌندڙن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پارليامينٽ اوٽاوا جي تاريخي ميڪڊونلڊ هال ۾ پهريون ڀيرو فريد اياز، ابو محمد ۽ ٻين صوفياڻا سر وکيري ٻڌندڙن کي سحر ۾ وڪوڙي ورتو آهي. جڏهن تھ قوالي جي محفل ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن سلما زاهد، اقرا خالد، سمير زبيري، شفقت علي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ داد بھ ڏنو. قولي جي سماع جو بندوبست پاڪستان ڄائي سينيٽر سلما عطا الله جان، پال شيانگ پاڪستاني هائي ڪمشنر ظهير اي جنجوعا جي سهڪار سان ڪيو هو.