شوبز

منهنجي ڄمڻ بعد مهيني تائين والد چهرو نھ ڏٺو: ڪرشما تنا

بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما تنا انڪشاف ڪيو آهي تھ منهنجي ڄمڻ بعد هڪ مهيني تائين والد چهرو نھ ڏٺو هو، ڇاڪاڻ تھ کيس پٽ جي خواهش هئي. ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ اسان جو تعلق روايتي گجراتي خاندان سان آهي، جن ۾ اهو تسليم ڪيو ويندو آهي تھ پٽ سان نسل اڳتي وڌي ٿو، پٽ والدين کي ڪمائي ڏيندو آهي، تنهنڪري اهو ڌيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، جنهن سبب والد تي ذهني دٻاءُ بھ رهيو. ڪرشما تنا اهو پڻ ٻڌايو تھ منهنجي ماءُ کي ٻھ ٻيون ڌيئرون بھ آهن، جنهن سبب منهنجي ڏاڏو ۽ ڏاڏيءَ جو رويو بھ ٺيڪ ناهي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button