
راڪ اينڊ رول فيم سوئس ڳائڻي ۽ اداڪارا، ڊانسر ۽ ڳائڻي ٽينا ٽرنر 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽينا ٽرنر وڏي عرصي کان بيمار هئي، جنهن سوئٽرزلينڊ واري گهر ۾ دم ڏنو. هوڏانهن ٽينا ٽرنر جي گهرڀاتين جي ترجمان موجب ٽينا ٽرنر جي لاڏاڻي سان موسيقي جي رول ماڊل ليجنڊ جو هڪ باب بند ٿي ويو آهي، هنن کيس ڀيٽا پيش ڪئي.