شوبز

عاليا ۽ رنوير راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني امر بڻائڻ لاءِ تيار

بالي ووڊ جي گنگوبائي ڪاٺياواڙي فيم عاليا ڀٽ ۽ لو گرو رنوير سنگهه راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني امر بڻائڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، جن جي مک ڪاسٽ تي ٻڌل فلم مڪمل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق هدايتڪار ڪرن جوهر فلم انڊسٽري ۾ ڪيريئر جا 25 سال پورا ٿيڻ تي فلم راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني تيار ڪئي آهي، جنهن سان سندس پراڻي انداز پڻ واپسي ڪري ورتي آهي. ڪرن جوهر بالي ووڊ جي فلم جي پهرين جهلڪ رليز ڪئي آهي، جنهن ۾ عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه سان گڏ اميتاڀ بچن، سندس زال جيا بچن، ڌرميندر ۽ شبانا اعظمي جهڙا سينيئر اداڪار پڻ نظر ايندا. ڪرن جوهر فلم جو پوسٽر رليز ڪندي ڪرن جوهر ڪيپشن ۾ لکيو تھ راڪي ۽ راني جي ڪهاڻي پيش ڪيان پيو، ڪهاڻي ڪاميڊي ۽ رومانس سان ڀرپور آهي، هدايتڪار جي ڪرسي تي مون 25 سال جادوئي نموني گذاريا، ان دوران گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button