شوبز

شوٽنگ دوران اميد سان ٿيس، ڳالهه 6 مهينا لڪائي: صرحا اصغر

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صرحا اصغر انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪيريئر دوران هڪ ڊرامي ۾ مون هڪ اميد سان ٿيل عورت جو ڪردار ڪيو، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي تھ شوٽنگ دوران مون سچ پچ ۾ بھ اميدواري ٿي وئي هئي. هن چيو تھ مون پنهنجي اميد سان ٿيڻ جي ڳالهه کي شوبز جي دوستن ۽ ايستائين جو ساهرن کان بھ لڪايو هو. هن چيو تھ ڊرامي ۾ هٿرادو اميدواري ڏيکارڻ لاءِ مون ڪپڙن جو استعمال ڪيو، جيڪي آهستي آهستي مون گهٽائي ڇڏيا، پر ڪنهن بھ ان جو نوٽيس نھُ ورتو، بعد ۾ شوٽنگ مڪمل ٿيڻ بعد جڏهن مون اها ڳالهه ٻڌائي تھ سمورا ماڻهو حيرت ۾ ٻڏي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button