شوبز

ڪم ڪارداشين کان ڦر جو ڪيس 12 ماڻهن تي هلندو

آمريڪي ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان ڪم ڪارداشين کان فرانس جي شهر پيرس ۾ ٿيل وڏي ماليت واري ڦر واري واقعي جي ٻڌڻي مقامي عدالت ۾ ٿي آهي. ميڊيا مطابق عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻن ججن حڪم جاري ڪري ڪيس ۾ 12 ماڻهن خلاف ڪاروائي هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پيرس ۾ ٿيل 60 لک يورو (7 ملين ڊالر) جي ماليت واري ڦر ۾ ڪجهه جوابدار گرفتار آهن، جن ۾ عمر ايٽ کڊاشي پڻ شامل آهي، جنهن کي اولڊ عمر سڏيو ويندو آهي ۽ اهو ان ڦورو گينگ جو امڪاني طور سربراهه پڻ ڄاڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button