بالي ووڊ فلمن جي مشهور اداڪار ۽ پروڊيوسر ڪمل هاسن تڪراري فلم ڪيرالا اسٽوري کي پروپيگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق فلم دي ڪيرالا اسٽوري بابت بالي ووڊ انڊسٽري جا ماڻهو پڻ ٻن ڌار ڌار راين ۾ ورهائجي ويا آهن. هڪ ڌر جو خيال آهي تھ فلم معاشري جي عڪاسي ڪري ٿي، ٻي ڌر ان کي هندو مسلم فساد جي جڙ سڏي مخالفت ڪري رهي آهي. هوڏانهن صحافين پاران ڪيرالا اسٽوري بابت رايو پڇڻ تي ڪمل هاسن جو چوڻ هو تھ ڪيرالا اسٽوري جهڙيون فلمون پيوپيگنڊا هونديون آهن، مان اهڙين فلمن جي حق ۾ ناهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close