پاڪستانسنڌ

پاڪ فوج خلاف بيانن جي سخت مذمت ڪريان ٿو:ارباب غلام رحيم

مٺي: پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جاري چيو آھي ته آئون فوجي ملڪيتن، ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملن ۽ فوج خلاف بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، اسان ملڪ جا وفادار ۽ پاڪ فوج جا حامي آھيون. جاري ڪيل بيان موجب هن وڌيڪ چيو ته آئون هندستان جي بارڊر ويجهو رهندڙ آهيان، ان ڪري پاڪستاني فوج جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهيان، سال 65ع ۽ 70ع ۾ اسان جو علائقو هندستان جي قبضي ۾ اچي ويو هو، پر پاڪستاني فوج بهادري سان مقابلو ڪري سڄو علائقو واپس ورتو. والاريل ڪشمير ۽ راجسٿان ۾ انڊين مسلمانن جي حالتن کان به واقف آهيان. هن چيو ته مضبوط فوج ئي پاڪستان جي ضامن آهي، اسان جو خاندان ايوب خان، ضياالحق ۽ مشرف حڪومت تائين فوج جي پاليسين سان گڏ رهيو آھي، اسان پاڪستان جا وفادار ۽ فوج جا حامي آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button