شوبز

پاڪستان مخالف ناهيان، اولهه جي تعصب تي ڳالهايو آهي: عروج آفتاب

پاڪستان جي گريمي ايوارڊ ماڻيندڙ ڳائڻي عروج آفتاب پاڪستاني سڏائڻ تي شرمندگي واري تاثر ۽ ٿيندڙ تنقيد تي واضع ڪندي چيو آهي تھ مان پاڪستان مخالف ناهيان، مون رڳو اولهه جي تعصب تي ڳالهايو آهي. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل ڪجهه تسلسل وارين پوسٽن ۾ عروج آفتاب جو چوڻ هو تھ مان پنهنجي بنيادن يا ورثي کي ڇڏڻ يا ختم ڪرڻ جي ڳالهه نھ ڪري رهي آهيان، پر رڳو پنهنجو تجربو بيان ڪيو آهي تھ برطانيا ۽ يورپ جي دوري دوران اتي مون کي محسوس ٿيو تھ لسانيات جي بنياد تي مون کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. هن چيو تھ انهن کي جاگرافي ۽ لساني بنياد تي ڪنهن کي ڀت سان لڳائڻ جي کين اجازت آهي، اهي مستقبل ۾ پڻ ڪنهن جا رستا بھ روڪي سگهن ٿا، عروج آفتاب چيو تھ هنن لا آسان آهي تھ ڪنهن جي ڪاميابين کي نظرانداز ڪري ڇڏين. هن آخري پوسٽ اها شيئر ڪئي ۽ ڪمنٽس باڪس بند ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن لکيو تھ مون کي دل جي گهراين سان پنهنجي ثقافت ۽ بنيادن سان مون کي پيار ۽ فخر آهي، منهنجون ڳالهيون اولهه جي تعصب بابت هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button