شوبز

دپيڪا ڪڪڙ شوبز ڇڏڻ وارين خبرن کي افواهه قرار ڏئي ڇڏيو

ڀارتي ڊرامن جي مشهور اداڪارا دپيڪا ڪڪڙ پنهنجي شوبز دنيا جي ڇڏڻ وارين خبرن کي تمام وڏو افواهه ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا سان رابطو ڪري دپيڪا ڪڪڙ ٻڌايو تھ منهنجي انٽرويو ۾ چيل ڳالهه کي غلط مطلب ڪڍي ڪوڙي خبر گهڙي وئي، جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو تھ مان ما بڻجڻ واري آهيان، تنهنڪري اهو ممڪن آهي تھ ٻار جي پيدائش بعد 4 يا 5 سال وقفو وٺان، پر ان جو هرگز مطلب اهو ناهي تھ شوبز پئي ڇڏيان. هن چيو تھ ٻار جي پيدائش بعد ڪو بهترين پراجيڪٽ مليو تھ مان ضرور ڪم ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button