شوبز

مرد کان اڳ عورت جي پوڙهي ٿيڻ واري سوچ تي ڳڻتي آهي: ثانيا سعيد

پاڪستاني ڊرامن جي سينيئر اداڪارا ثانيا سعيد چيو آهي تھ مرد کان اڳ عورت جي پوڙهي ٿيڻ واري سوچ تي ڳڻتي آهي. هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ اسان جي ڊرامن ۾ عورت کي روئندڙ ۽ پٽڪو ڪندڙ ڪمزور صورتحال ۾ ئي ڏيکاريو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ڪمزور عورت جي عڪاسي انهيءَ طبقي جي نمائندگي آهي جيڪي کيس برابر حيثيت نٿا ڏين. هن چيو تھ ضرورت ان ڳالهه جي آهي تھ، ڊرامن ۾ ڪاروبار، ملازمت ڪندڙ مضبوط عورت ڏيکارڻ گهرجي، جيڪا مرد تي نھ ڀاڙيند هجي. هن چيو تھ سماج ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عورت جي ڪردار ۾ توازن آڻڻو پوندو، هتي سٺا ڊراما پڻ تيار ٿين ٿا، پر تعداد گهٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button