شوبز

پرينيتي عابدا پروين ۽ نصيبو لال جو تو جهوم ڳائي ورتو

بالي ووڊ جي تازو مڱڻي ڪندڙ اداڪارا پرينيتي چوپڙا صوفي ڪلامن جي راڻي عابدا پروين ۽ ليجنڊ نصيبو لال جو گيت تو جهوم ڳائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق پرينيتي چوپڙا جي آواز ۾ ڳايل گيت جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي مداحن هزارن جي تعداد ۾ پسند ڪيو آهي. پرينيتي چوپڙا شيئر ڪيل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ هي گيت مون کي پسند آهي، هن لکيو تھ مان ڊبنگ لاءِ اسٽوڊيو ويس ۽ تو جهوم کي جهونگارڻ کان رهي نھ سگهي. هوڏانهن مداحن هزارن جي تعداد ۾ ڪمنٽس ڪندي لکيو آهي تھ اوهان عابدا پروين ۽ نصيبو لال جي گيت سان انصاف ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button