شوبز

عاليا ڀٽ جو نانو 94 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا عاليا ڀٽ جو نانو نريندر رازدان بيماري سبب 94 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ جي ناني نريندر رازدان کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب اسپتال آندو ويو هو، جتي علاج بھ ڪيو ويو، پر زندگي سندس ساٿ نھ ڏنو ۽ ديهانت ڪري ويو. عاليا ڀٽ پنهنجي ناني جي موت جي خبر جي پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي تصديق ڪئي آهي. ياد رهي تھ ناني جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب عاليا آئيفا ايوارڊ جي تقريب ۾ شريڪ نھ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button