شوبز

صبا قمر جو پسوڙي گاني تي رقص، وڊيو وائرل ٿي وئي

پاڪستان جي ور اسٽائيل اداڪارا صبا قمر جو مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ پسوڙي گاني تي رقص ڪيو آهي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر، وي لاگنگ، اداڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ قسمت آزمائي ڪاميابي ماڻڻ بعد هدايتڪاري ۾ پير رکي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن دوران هن پنهنجي ڪم کي آرٽسٽڪ ٽچ ڏيڻ جي نيت سان پسوڙي گاني جي ٻولن ۽ ڌن تي رقص ڪيو آهي، بعد ۾ جڏهن اها وڊيو سوشل ميڊيا تي آئي تھ هڪدم وائرل ٿي وئي، جنهن تي مداحن جي وڏي اڪثريت صبا قمر کي هرفن مولا فنڪارا قرار ڏئي سندس ڪم جي ساراهه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button