شوبز

منشا پاشا جو مڙس سماجي ڪارڪن جبران ناصر کنڀجي ويو

پاڪستان جي مشهور اداڪارا منشا پاشا جو مڙس سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل جبران ناصر ڪراچي مان کنڀجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ رهندڙ جبران ناصر کي ويگو ۾ سوار هٿياربند پاڻ سان وٺي ويا، سبب معلوم نھ ٿي سگهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ جبران ناصر جي زال اداڪارا منشا پاشا مڙس جي اغوا جي رپورٽ ان جي بازيابي لاءِ درخواست ڪلفٽن ٿاڻي تي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي تھ مڙس سان گڏ ڊنر بعد گهر ويس پئي تھ ويگو گاڏي سوارن اسان کي روڪيو ۽ جبران کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن. هن جو چوڻ هو تھ گاڏي ۾ سوار سادا لباس پهريل 15 هٿياربند هئا، مڙس جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو وڃي. هوڏانهن جبران ناصر جي پي اي لڪ وڪٽر پڻ جبران ناصر جي مبينا اغوا جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو تھ مددگار 15 کي آگاهه ڪيو آهي. ٻئي پاسي جبران ناصر جي مبينا اغوا تي شوبز انڊسٽري ۾ ڳڻتي، سلامتي سان واپسي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ڪاميڊين علي گل پير لکيو تھ هو پهرين هو انهن لاءِ آيا اسان ڪجهه نھ چيو، بعد ۾ اسان لاءِ آيا. اداڪارن هانيا عامر، اساما طاهر، نمرا بچا، عدنان ملڪ، عثمان خالد بٽ، ملالا يوسفزئي جي والد ضياءُ الدين يوسفزئي ۽ ٻين جبران ناصر جي کنڀجڻ خلاف آواز اٿاريندي مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button