شوبز

بالي ووڊ ۾ هڪ ٻي تڪراري فلم تيار، پابندي جو مطالبو

بالي ووڊ جي فلم ميڪرز هڪ ٻي تڪراري فلم 72 حورين تياري ڪري ورتي آهي، جنهن جو ٽيزر رليز ٿيڻ بعد مداحن وڏي تعداد ۾ ان تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪشمير فائلز ۽ ڪيرالا اسٽوري بعد فلم 72 حورين اسلام مخالف موضوع تي ٺهي آهي، جنهن جي 4 جون تي رليز ڪيل ٽيزر ۾ اساما بن لادن، حافظ سعيد ۽ اجمل قصاب جي تصويرن کي ڏيکاريو ويو آهي. ٽيزر جي پسمنظر ۾ ٻڌايو پيو وڃي انهن ماڻهن مذهب جي نالي ۾ دهشتگردي پکيڙي آهي. فلم 72 حورين کي ايندڙ مهيني جي 7 تاريخ تي رليز ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button