
ڀارتي اداڪارا ۽ بگ باس سيزن 14 جي فاتح روبينا دليڪ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي آهي، جنهن کي امدادي ڪارڪنن ريسڪيو ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق روبينا دليڪ گاڏي ۾ وئي پئي تھ کين ٽرڪ اچي ٽڪر هنيو آهي. روبينا سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو تھ مٿي ۽ چيلهه ۾ ڌڪ رسيا آهن، جنهن سبب صدمي واري حالت ۾ آهيان، پر طبيعت هاڻ بهتر آهي. هن لکيو تھ منهنجو پيغام آهي تھ ڊرائيونگ دوران فون ٻڌڻ جي چريائپ نھ ڪيو، ڇوتھ ان سان جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.