
هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا جينيفر لارينس ڪاميڊي فلم نو هارڊ فيلنگس ذيعي ٻيهر واپسي ڪندي، جنهن جي فلم جو پريميئر هڪ ڏينهن اڳ لنڊن ۾ ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق فلم جي پريميئر ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي جينيفر لارينس جو چوڻ آهي تھ هن فلم جو اسڪرپٽ پڙهڻ بعد فلمن مان بريڪ وٺڻ وارو فيصلو تبديل ڪيو، شاندار ڪهاڻي آهي.