شوبز

سبينا فاروق بيمار ٿي پئي، علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل

پاڪستان جي مشهور ڊرامي تيري بن ۾ حيا جو ناڪاري ڪردار ڪري شهرت ماڻيندڙ اداڪارا سبينا فروق بيمار ٿي پئي آهي، جنهن کي علاج لاءِ مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق سبينا فاروق اسپتال مان ماءُ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو تھ بيماري ۾ منهنجي امڙ گڏ آهي، جيڪا گرمي ۾ بنا پکي جي منهنجي سار سنڀال ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ تھ مون کي بخار ۽ سيءُ ٿيڻ سبب اي سي ۽ پکو نٿو هلائي سگهجي. هن لکيو تھ امڙ جهڙو رشتو هجڻ جو مطلب اوهان وٽ سڀ ڪجهه هجڻ آهي، هن جو پيار سچو آهي ۽ سندس احسان لاهي نٿا سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button