
بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان اڳوڻي دوست ڪترينا ڪيف کي ٿڦڙ هڻڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق سلمان خان جي پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ميزبان جي سوال جي جواب ۾ سلمان خان ٻڌايو ٿو تھ ڪترينا نئين اداڪارا آهي، پنهنجي هلائڻ تي کيس ٿڦڙ لڳي وڃي ٿي. هوڏانهن مداح اهڙي اعتراف تي سلمان خان مٿان تنقيد ڪري رهيا آهن.