
پاڪستان جي ور اسٽائيل اداڪارا بشرا انصاري پنهنجي اصل عمر بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو تھ منهنجي عمر هن وقت 67 سال آهي ۽ ان انگ کي ٻڌائڻ ۾ ڪڏهن بھ پريشان نھ ٿي آهيان. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مون نوجوان ۾ 60 سالن جي عمر جي ماءُ جا ڪردار ڪيا، هاڻ 67 بدران 57 جي لڳان ٿي تھ ان تي مون کي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.