
ڀارتي ماڊل ۽ بولڊ لباس سبب شهرت ماڻيندڙ عرفي جاويد بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل کي تعصب پرست ۽ ساڙ ڪندڙ شخصيت جي مالڪ قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ميڊيا مطابق عرفي جاويد اميشا پٽيل جي ان بيان تي ڪاوڙيل آهي، جنهن ۾ ان او ٽي ٽي پليٽ فارم تي پيش ٿيندڙ مواد کي نامناسب سڏيو هو. عرفي جاويد جو چوڻ آهي تھ اميشا پٽيل پاڻ ڪهو نا پيار هي جهڙي عنوان واري فلم ۾ ڪم ڪيو، ڇا اهو درست هو، ٻارن کي اهڙن حساس موضوعن تي تربيت ۽ آگاهي ڏيڻ بنا سرعام اهڙي ڳالهه چوڻ جو مطلب ڇا وٺجي، هن اميشا جي 25 سال ڪم نھ ملڻ واري شڪايت کي بھ کل جوڳو ڪوٺيو آهي.