
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا نيمل خاور جي سرجري جي معاملي ۾ اداڪار احمد مختار سندس حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو آهي. ميڊيا مطابق احمد مختار سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو تھ نيمل خاور ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي تھ اهو سندس ذاتي فيصلو آهي، جنهن سان ڪنهن کي ڪو نقصان ناهي پهتو، ماڻهو ان جو خيال رکن.