شوبز

ايمن ۽ منال جي اميد سان هجڻ جا افواهه پکڙجي ويا

پاڪستان جي اداڪار جاڙين ڀينرن ايمن خان ۽ منال خان جي اميد سان هجڻ جا افواهه تيزي سان پکڙجي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايمن خان ۽ منال خان تازو ئي پنهنجي سالگرهه ملهائي آهي، جنهن دوران انهن جون ڪيتريون ئي تصويرون وائرل ٿيون آهن، جن کي ڏسي سندن مداحن نتيجا ڪڍي ورتا آهن تھ اهي اميد سان ٿي ويون آهن. ان کان اڳ ٻنهي ڀينرن پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ بعد ۾ انهن جون تصويرون شيئر ڪيون تھ انهن تي هن وقت تائين لکن جي تعداد ۾ لائيڪس اچي چڪيون آهن. جڏهن تھ مداحن هزارن جي تعداد ۾ ڪمنٽس ڪري کين سالگرهه جي مبارڪ پڻ ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button