شوبز

ٽيلر سوئفٽ جي ڪنسرٽ زلزلي واري شدت پيدا ڪري ڇڏي

آمريڪا سان تعلق رکندڙ دنيا جي مشهور ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جي تازو ٿيل ميوزڪ ڪنسرٽ زلزلي واري شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽيلر سوئفٽ 22 ۽ 23 جولائي دوران ليومين فيلڊ اسٽيڊيم ۾ ايراز ٽور پرفارمنس دوران زلزلي جهڙي شدت رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا 2.3 رڪارڊ ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ مداحن جو جوش بھ ميوزڪ ڪنسرٽ دوران ڏسڻ وٽان هو، جنهن سبب گرمي جي شدت محسوس ڪئي وئي. هوڏانهن آمريڪا جي سيسمولوجسٽ ۽ واشنگٽن يونيورسٽي جي پروفيسر جيڪي ڪيپلان اور باچ ٻڌايو تھ ڪنسرٽ دوران زلزلي جي ڪيفيت مداحن جي رش ۽ ساز يا سائونڊ سسٽم  بڻيا آهن.

ٽيلر سوئفٽ ڪنسرٽ ڪندي

جڏهن تھ 2011ع ۾ بيسٽ ڪوئيڪ جي نالي سان مشهور ٿيندڙ ڪنسرٽ جو رڪارڊ بھ ٽٽي ويو آهي. هوڏانهن بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي تھ ٽيلر سوئفٽ جي ڪنسرٽ ۾ هڪ لک 44 هزار مداح شريڪ ٿيا آهن. ٻئي پاسي ٽيلر سوئفٽ ڪنسرٽ جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button