پاڪستانسنڌ

دلبر مهر ۾ جوابدار ڪارنهن الزام ۾ ڀا ۽ زال کي ماري ڇڏيو

سنڌڙي: دلبر مهر ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ ڀا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏني. دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب مري ۾ جوابدار دلمراد مري پنهنجي 23 سالن جي زال ناز پري ۽ پنهنجي 25 ورهين جي ڀا غمشاد مري کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار پسٽل سميت دلبر مهر ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي. ٻٽي قتل جي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيل ڏير ۽ ڀاڄائي جي لاشن کي کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو، جتان قانوني ڪاروائي بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو. قتل ٿيل 23 سالن جي ناز پري جي پي علي محمد مري ٻڌايو ته قتل جي ڪارڻ جي خبر ناھي، منھنجي ڌي کي ڪاري ڪري ماريو آھي، 5 سال اڳ ۾ منھنجي ڌيءَ جي شادي ٿي ھئي، کيس ٻن مھينن جي نياڻي آھي، اسان جو ڳوٺ ٿورو پري آھي. جڏھن ته قتل ٿيل غمشاد مري جي ڀا واحد بخش ٻڌايو ته اسان کي قتل جي ڪا خبر ناھي، منھنجي ڀا دلمراد پنهنجي زال ناز پري ۽ غمشاد کي ڪارنھن جو الزام مڙھي قتل ڪيو آھي، اسان جو مقتول ڀاءُ ٻاھر اوطاق تي ستل ھو، جتي کيس قتل ڪيو ويو ۽ ڀاڄائي کي وري گھر اندر قتل ڪيو آھي ۽ جوابدار ڀا پاڻ ٿاڻي تي پيش ٿيو آھي. ان سلسلي ۾ دلبر مهر پوليس ٻڌايو ته وارث تدفين ۾ رڌل آهن، ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button