پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ جوابدارن لٺيون هڻي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرواھه گورچاڻي: ميرواهه گورچاڻي ۾ جهيڙي دوران جوابدارن لٺين جا وار ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو. ميرواھه گورچاڻي لڳ ڳوٺ ميوو خان لغاري ۾ ڪولھين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي سبب هڪ ڌر جي مولچند ڪولھي پٽ ماوجي ڪولھي ۽ پريم چند پٽ مولچند ڪولھي لٺين جا وار ڪري ۽ مڪون هڻي 65 سالن جي پيرسن ڀائو پٽ ريجهو ڪولھي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي ۾ سڄي ڳوٺ ۾ خوف ڇانئجي ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button