پاڪستانسنڌ

دلبر مهر ۾ عورت مبينا قتل، تدفين کان اڳ جرڳو، 5 لک ڏنڊ

سنڌڙي: دلبر مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراھيم مري ۾ ڳورھاري عورت کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تدفين کان اڳ جرڳو ڪري 5 لک ورتا ويا. خبر موجب سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ ابراهيم مري ۾ 4 ڏينھن اڳ 25 ورھين جي سمجھو زال راڻو ڀاٽ کي مبينا طور زھر پيتل حالت ۾ ميرپورخاص سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، عورت 8 مھينن جي ڳورھاري ھئي، جيڪا گذريل ڏينھن حيدرآباد ۾ فوت ٿي وئي، جنھن جو لاش دفن ڪرڻ کان اڳ ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ ڀاٽن جي چڱن مڙسن وٽ فيصلو ڪري 5 لک رپيا ڏنڊ وٺي خون لکت ۾ معاف ڪيو ويو. عورت سمجھو جي مائٽ سيتل ٻڌايو ته اسان کي به مختلف اطلاع مليا آھن، ڪي چون ٿا زھر پيتو آھي، ڪي چون ٿا ڌڪ ھنيا ويا، باقي فيصلو ٿيو آھي، ان جو ڏنڊ سندس سئوٽ اميدو ڀاٽ ورتو آھي، رابطي ڪرڻ تي اميدو ڀاٽ چيو ته اسان خون جا پئسا نه ورتا آھن، باقي مائٽي ختم ڪري ڇڏي آھي. وڌيڪ تفصيل فون تي نٿو ڏئي سگھان، روبرو ڏيندس. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او دلبر مھر رميز حيدر ٻڌايو ته اسان کي اھڙو اطلاع مليو آھي، واقعي جي ڪابه شروعاتي رپورٽ يا ڄاڻ ناھي،ان معاملي جي جاچ ڪريون ٿا، ڪو ملوث ھوندو ته ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button