پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ گهڻي وڄ ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ لا تحقيق ڪرائي وڃي:مٺي ڪانفرنس

مٺي: ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جا سبب ۽ حل جي سري هيٺ ٿر ايڪشن فورم جي ميزباني هيٺ مٺي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، ماهرن، سماج سڌارڪن ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته موسمي تبديليون سڄي دنيا جو مسئلو آھي، پر ڪوئلي جي کوٽائي بعد ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ ۽ انهن واقعن ۾ انساني توڙي چوپائي مرڻ جا واقعا رڪارڊ وڌي ويا آھن، ان ڪري کنوڻ ڪرڻ جا سبب ڳولڻ سان گڏ ڪوئلي جي کوٽائي توڙي ماحولياتي تبدلين سان پيدا ٿيندڙ انساني زندگين لا امڪاني هاڃيڪار صورتحال تي هڪ جامع تحقيق ڪرائي انساني زندگيون بچايون وڃن. ڪانفرنس کي افتتاحي خطاب ڪندي ٿر ايڪشن فورم جي ڪنوينر ۽ پ پ جي انفارميشن سيڪريٽري ٿرپارڪر ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته کنوڻ هاڻ خوف جي علامت بڻجي وئي آهي، ٿر جي ماڻهن جي اميد ۽ آسرو کنوڻ سان لاڳاپيل هو، کنوڻ برسات جي سنيهو کڻي ايندي هئي ۽ ٿر جا ماڻهو انهي جي آجيان ڪندا هئا. گذريل ڪجهه سالن ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، انهي وڌندڙ واقعن تي اسٽڊي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عام تاثر جڙيو آهي ته ٿر ڪول منصوبي جي کوٽائي، پاور پلانٽ لڳڻ، عالمي طور تي ماحولياتي تبديلين جا سبب به ٿي سگهن ٿا، جيڪي جامع اسٽڊي ذريعي ئي سامهون اچي سگهن ٿا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٿر ڄائي ناليواري بجلي ماهر انجنيئر ولي محمد راهمون چيو ته بجلي جي پيداوار جا 6 طريقيڪار آهن، جن مان اليڪٽرو ميگنيٽڪ، اليڪٽرو ڪيميڪل، سولر سيل، ٿرميڪيل، پريشر، اليڪٽو اسٽيٽڪ آهن، اليڪٽو اسٽيٽڪ جيڪو کنوڻ ڪرڻ جو اهم سبب آهي، جيڪو رڳڙ ذريعي پيدا ٿئي ٿو. ٿر جي ڳوٺن ۽ آبادي جي حساب سان هڪ ارب کان گهٽ ماليت جي خرچ سان لائيٽننگ اريسٽر لڳڻ گهرجن. سماج سڌارڪ اڳواڻ ڊاڪٽر سونو مل کنگھاراڻي چيو ته قدرتي نظام سان هٿ چراند ٿئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي واقعا ٿين پيا، پر انهي جي سائنسي بنيادن تي ريسرچ ٿيڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ علي اڪبر راهمون چيو ته ٿر جي هوا ۾ ڊسٽ پارٽيڪل موجود آهن ۽ ٿرڪول انهي ۾ پارٽيڪل شامل ڪري رهيو آهي، انهي ڪري کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. سينيئر صحافي ممتاز نهڙيو چيو ته ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن کي اين جي اوز جي پراجيڪٽ واري اک سان نه ڏسڻ گهرجي، حقيقتن تي مشتمل ريسرچ ٿين گهرجي. ٿر جي معدنيات جي رائلٽي ٿر جي ماڻهن جي زندگين جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس کي ايس اي سي ايم سي جي ڊپٽي مئنيجر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جنيد انصاري، انجنيئر آفتاب راهمون، ايس اي سي ايم سي جي ڊپٽي مئنيجر اليڪٽريڪل آڪاش ڪمار، ايس اي سي ايم سي جي انوائرونمينٽل انجنيئر معيز احمد نوناري، سماجي سائنس جي ماهر اشوڪ سوٽهڙ، سماجي اڳواڻ پياري شيواڻي، ماما وشن ٿري، جماعت اسلامي جي اڳواڻ مير محمد بليدي، دين محمد اوڍيجو، رمضان لنڊ ۽ کاٽائو جاني خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ الله بخش هنگورجو، لڇمڻ ٿري، سالم سميجو، ولي نهڙيو، راهول شرما، امتياز ڌراڻي، علي گل رند، غازي نهڙيو، عطا نهڙيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ ڪانفرنس ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button